شاهاڻي، اندو

شاهاڻي، اندو

اندو شاهاڻي

اندو شاهاڻي : هندستان ۾ رهندڙ هن سنڌي عورت سيڊ ناهام ڪاليج (Sydenham College) مان ڪامرس جي شعبي ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. 31 سالن کان تعليمي ميدان ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهي آهي. هن وقت ڏکڻ ممبئي، هندستان جي ايڇ. آر ڪاليج آف ڪامرس اينڊ اڪنامڪس ۾ پرنسپال جي عهدي تي فائز آهي. اندو شاهاڻي سماجي ۽ فلاحي حوالي سان ووڪيشنلائزيشن ڪميٽي، يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جي ميمبر، آئي. بي ايجوڪيشن ڪاميٽي ۽ آئي. بي ايشيا پيسفڪ ريجنل ايڊوائزري ڪاميٽي جي ميمبر، بمبئي مئنيجمينٽ ايسوسيئيشن ۾ عورتن جي صلاحڪار ۽ ايگزيڪيوٽو ميمبر، بمبئي اي. ڊي ڪلب جي ايگزيڪيوٽو ميمبر، ايڪيڊمڪ ڪاؤنسل آف دي لنٽاس نارٿ پوائنٽ جي ميمبر ۽ يو. سي برڪلي ۽ اين. جي. آءِ. ٽي (N.J.I.T) اسڪول آف مئنيجمينٽ جي مهمان فئڪلٽي ميمبر پڻ آهي. کيس تعليمي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي عيوض سهيوڳ فائونڊيشن طرفان اوارڊ سان به نوازيو ويو آهي. اندو شاهاڻي هند ۾ رهندي سنڌي ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي.


لفظ اندو شاهاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو